ملا منصور پاڪستان جو شهري نه هو: چوڌري نثار علي خان

ملا منصور پاڪستان جو شهري نه هو: چوڌري نثار علي خان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ٽن سالن ۾ 2 لک 37 هزار شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا، ملا منصور پاڪستان جو شهري نه هو، ملا منصور کي 2005ع ۾ پاسپورٽ جاري ٿيو، جڏهن ته ان جي تجديد 2011ع ۾ ٿي، اسان ان جي ذميدارن خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو آهي، قومي شناختي ڪارڊن جي تصديق جي نگراني لاءِ پارليامينٽ جي ڪميٽي ٺاهڻ چاهيون ٿا، تصديقي عمل ۾ هينئر تائين ساڍا 3 ڪروڙ شناختي ڪارڊن جي تصديق ٿي چڪي آهي، فيملي ٽريز سان هزارين غير قانوني شناختي ڪارڊن جي نشاندهي ٿي آهي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته اهو انتهائي اهم معاملو آهي، جعل سازي دنيا ۾ هر هنڌ آهي، نيشنل ڊيٽا بيس اٿارٽي 2013ع کان اڳ 525 شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا، اسان ٽن سالن ۾ 2 لک 37 هزار ڪارڊ بلاڪ ڪيا، 29 هزار پاسپورٽ رد ڪيا، شناختي ڪارڊ جي تصديق سان هينئر تائين ساڍا 3 ڪروڙ شناختي ڪارڊن جي تصديق ٿي چڪي آهي، عوام ۽ ميڊيا ڀرپور تعاون ڪيو، پنهنجن پروان سڀني چيو ته 6 مهينن ۾ نه ٿي سگهندو، اسان ڏيڍ مهيني ۾ وڏي تعداد ۾ ڪري ڇڏيا آهن، هزارن جي تعداد ۾ فيملي ٽريز ۾ اجنبي نڪتا آهن، هزارين غير ملڪي به نڪتا آهن، اهي پاڪستان جي نيشنل ڊيٽا بيس جو رڪارڊ درست ڪرڻو آهي، ڊرون حملن ۾ مارجي ويل هڪ اهم اڳواڻ جو ڪارڊ پاڪستان جو نڪتو، هن ان عمل جي نگراني جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني آهي، هن ٻڌايو ته ان حوالي سان اسپيڪر سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ان کي تصديق يا بلاڪ ڪيل شناختي ڪارڊن کان آگاهه ڪيو ويندو، چوڌري نثار چيو ته اسان جون 2013ع کان ان معاملي تي ڪم شروع ڪيو آهي اڍائي سالن ۾ فوڪس ڪيو، تمام بهتري آئي آهي، ملا منصور جو 2005ع ۾ پاسپورٽ ٺهيو، 2011ع ۾ ان کي نئون ڪيو ويو، ان پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ تي اهو ماڻهو ايران، بحرين، متحده عرب امارات ويو، ايف آءِ اي جا ٻه آفيسرن ملازمت مان فارغ ٿيا، 3 نادرا اهلڪار گرفتار ٿيا، مختيار جي خلاف ڪارروائي ٿي، سڀني ذميدارن کي پڪڙيو آهي، بلوچستان جي حڪومت تعاون ڪيو، شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ تي تنقيد ڪريو ته گڏ تجويز به ڏيو، اهو مسلم ليگ (ن) جو ذاتي يا سياسي ڪم نه آهي، پاڪستان جي سيڪيورٽي لاءِ اهم آهي، پارليامينٽ جي ميمبرن جو تعاون گهرجي، هن ٻڌايو ته پارلياماني ڪميٽي ايندڙ هفتي اسپيڪر سان مشاورت سان ٺهندي، جيڪڏهن ڪنهن جو شناختي ڪارڊ غلط بلاڪ ٿيو ته ان کي بغير ڪنهن تڪليف ڏيڻ جي ان بلاڪ ڪري ڇڏينداسين، ڊاڪٽر فوزيه حميد جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا هٿيار ۽ تربيت آرمي جي معيار جا آهن.