شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو ٽي درجاتي فارمولو آهي: گهرو پارلياماني سيڪريٽري

شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو ٽي درجاتي فارمولو آهي: گهرو پارلياماني سيڪريٽري

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) گهرو پارلياماني سيڪريٽري مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو ٽي درجاتي فارمولو آهي جنهن تحت شناختي ڪارڊ هولڊرن کي پنهنجي صفائي جو پورو موقعو ڏنو ويندو آهي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ساجده بيگم جي سوال جي جواب ۾ گهرو پارلياماني سيڪريٽري مريم اورنگزيب ٻڌايو ته گذريل پنجن سالن دوران هڪ لک 23 هزار 697 شناختي ڪارڊ روڪيا ويا انهن مان 2 هزار 2015ع ۾ 40 هزار 124، 2016ع ۾ 34130، شناختي ڪارڊ ڪليئر ڪيا ويا، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي ذاتي ڪوششن سان ان ۾ بهتري آئي آهي، بلاڪ ٿيل شناختي ڪارڊن جو هڪ طريقو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ مريم اورنگزيب ٻڌايو ته غلط شناختي ڪارڊ رکندڙ سڀئي افغاني واپس ويندا، ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي جواب ۾ گهرو پارلياماني سيڪريٽري ٻڌايو ته ملا منصور پاڪستاني پاسپور حاصل ڪرڻ جو اهل نه هو، هن ٻڌايو ته گذريل ڪجهه دورن ۾ بغير ڪنهنتصديق جي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا، ملا منصور کي 2005ع ۾ پاسپورٽ جاري ۽ ان تي تجديد 2011ع ۾ ٿي آهي.