بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٻيهر سروي ڪئي پئي وڃي: رانا محمد افضل

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٻيهر سروي ڪئي پئي وڃي: رانا محمد افضل

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٻيهر سروي ڪئي پئي وڃي، پهرين مرحلي ۾ نومبر کان 16 ضلعن ۾ اهو سروي ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻيو مرحلو مارچ 2018ع تائين مڪمل ٿيندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو وٺندڙ اهڙا ميمبر جيڪي قومي شناختي ڪارڊ رکندڙ نه آهن انهن کي شناختي ڪارڊ ملڻ تي سموري رقم ملي ويندي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران بيلم حسنين جي سوال جي جواب ۾ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان ٻڌايو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪجهه فائدو وٺندڙ شناختي ڪارڊ نه هئڻ سبب اڃان تائين ان تحت فنڊ ناهن وٺي سگهيا، هن ٻڌايو ته ايف بي آر پنهنجا بجيٽ هدف پورا ڪرڻ طرف گامزن آهي، بجيٽ تي ملڻ واري تجويزن کي شامل ڪيو ويو آهي، بلوچستان ۾ ٽن ضلعن ۾ سروي ٻيهر ڪرائي پئي وڃي جڏهن ته پائليٽ پراجيڪٽ 16 ضلعن ۾ آهي.