پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد(پاکستان نیوزپوائنٹ 23مئ2017ء) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته اين آءِ سي ايل جي اڳوڻي چيئرمين اياز خان نيازي جي دور ۾ اداري کي 3 ارب روپين جو نقصان ٿيو، لاهور ۽ دبئي ۾ ٻيڻ کان وڌيڪ قيمت تي خريد ڪيل جائيدادن جا ڪيس عدالت اڪلايا آهن، ادارو ان جي خلاف نظرثاني جي اپيل ۾ ويندو جڏهن ته ڪورنگي ڪراچي ۾ 20 ملين روپيا في ايڪڙ جي جائيداد 90 ملين في ايڪڙ ۾ ورتي وئي، هي ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي، عدالتون ڪيسز ايف آءِ اي جي رپورٽس تي اڪلائينديون آهن، پي اي سي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کان لوڊشيڊنگ، گردشي قرضن ۽ مٽاسٽا نقصانن جي موجوده صورتحال تي اڄ اربع ڏينهن تفصيلي بريفنگ طلب ڪري ورتي، اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن پي اي سي جي چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ پي اي سي جي ميمبر سيد ڪاظم علي شاهه، شيخ رشيد احمد، پرويز ملڪ، مشاهد حسين سيد، شفقت محمود، شيري رحمان، سردار عاشق حسين گوپانگ، شيخ روحيل اصغر، جاويد اخلاص، جنيد انور چوڌري، ارشد خان لغاري سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل انشورنس ڪارپوريشن (اين آءِ سي ايل) جي 10 سالا ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي اين آءِ سي ايل جي چيئرمين امين بندوقه چيو ته 2007ع ۾ پري ٽيڪس منافع 8 ارب 30 ڪروڙ روپيا، 2008ع ۾ هڪ ارب 51 ڪروڙ روپيا، 2009ع ۾ 3 ارب 58 ڪروڙ روپيا، 2010ع ۾ هڪ ارب 49 ڪروڙ روپيا، 2011ع ۾ 2 ارب روپيا، 2012ع ۾ 3 ارب 26 ڪروڙ روپيا، 2013ع ۾ 3 ارب 35 ڪروڙ روپيا، 2014ع ۾ 3 ارب 16 ڪروڙ روپيا، 2015ع ۾ 9 ارب 33 ڪروڙ روپيا ۽ 2016ع ۾ 4 ارب 63 ڪروڙ روپيا هو۔

هن چيو ته اين آءِ سي ايل ان ڪجهه سرڪاري ڪارپوريشنن مان آهي جيڪي وڏي منافعي ۾ آهن، اداري جو منافعپ اداري جي مختلف منافعو ڏيندڙ شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ڪري آهي، هن چيو ته 2009ع کان 2011ع تائين جا حساب آڊٽ لاءِ تيار آهن، 2009ع ۾ اسان اداري جي چارج سنڀالي ته آڊٽ جو نظام نه هو، اسان التوا ۾ پيل حساب آڊٽ لاءِ تيار ڪري ورتا آهن، جون 2017ع تائين سمورا حساب مڪمل ڪري آڊٽ ڪرائي يندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اين آءِ سي ايل جي عملدارن چيو ته جيستائين ماضي جي حساب جي آڊٽ مڪمل نه ٿيندي موجوده آڊٽ ڪرڻ ممڪن نه هوندي، هن چيو ته سموري بقايا وصول ڪئي وئي آهي، هن چيو ته 2015ع، 2016ع جي مقابلي ۾ 2017ع جو پريميئم ٻيڻو آهي، هن چيو ته اداري جو 50 سيڪڙو منافعو سيڙپڪاري ۽ 50 سيڪڙو جائيدادن مان ايندو آهي، هن چيو ته اداري جي لاهور، ڪراچي ۽ دبئي ۾ جائيدادون آهن، اسان جڏهن کان اداري جي چارج سنڀالي آهي اسان نه ڪا جائيداد خريد ڪئي آهي ۽ نه ئي وڪرو ڪئي آهي، پي اي سي جي پڇاڻي تي هن ٻڌايو ته دبئي ۾ اداري جي هڪ ارب 70 ڪروڙ روپين جي ماليت جي جائيداد آهي، ان جي ادائيگي اڃان باقي آهي، ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي، جنهن کانپوءِ هي جائيداد اين آءِ سي ايل جي نالي منتقل ٿي ويندي، هن چيو ته اسان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري کان ان لاءِ پاسو ڪيو آهي ته ان ۾ تمام گهڻو رسڪ آهي، لاهور ۾ زمين جي خريداري جي اسڪينڊل ۾ ملوث محسن وڙائچ ۽ حبيب وڙائچ وغيره مبينه طور تي ملوث آهن، هي زمين اداري وٽ آهي پر هي مارڪيٽ ويليو کان تمام وڌيڪ رقم تي خريد ڪئي وئي آهي، 2015ع ۾ ان ڪيس جو فيصلو اچي چڪو آهي، اداري کي 50 ڪروڙ روپين جو جيڪو چيڪ ڏنو ويو هو اهو ڪيس نه ٿي سگهيو، اسان هر چيڪ تي ايف آءِ آر ڪٽرائي آهي، اسان هاڻي نيب ۽ ايف آءِ اي کي چيو آهي ته اهي اها رقم وصول ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ڇو ته انهي جي ڪري ئي اسان کي اها رقم ملڻي هئي، اسان عدالت ۾ ان ڪيس تي نظرثاني جي درخواست ڪنداسين، هن چيو ته لاهور ايئرپورٽ ويجهو 20 ڪينال کان وڌيڪ ڪجهه زمين خريد ڪئي وئي، 8 ڪروڙ روپين جي رقم منتقل ڪئي وئي، 42 ڪورڙ روپين کان وڌيڪ رقم اڃان به باقي آهي، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته جيڪڏهن ان وقت ٻيڻ تي خريد ڪئي وئي هئي ته هاڻي زمين جي قيمت ٻيڻي ٿي وئي آهي، هاڻي اها زمين اداري کي پاڻ وٽ رکڻ گهربي هئي، اين آءِ سي ايل جي چيئرمين چيو ته اها زمين 50 ڪروڙ جي هئي، جيڪا 100 ڪروڙ ۾ خريد ڪئي وئي، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته زمين جي قدر جو تعين ڪيئن ٿيو ۽ هاڻي ان جي صورتحال ڪهڙي آهي، واپار واري وزارت جي سيڪريٽري کي ان سڄي معاملي کي ڏسڻ گهرجي، اين آءِ سي ايل جي چيئرمين چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايف آءِ اي زمين جي قدر جو تعين ڪيو هو، هن چيو ته دبئي جي جائيداد جي حوالي سان به ايف آءِ اي جي رپورٽ تي ڪيس اڪلايو ويو آهي، ادارو ان ڪيس جي حوالي سان به نظرثاني جي اپيل ڪندو، ڪورنگي ڪراچي ۾ 20 ملين بدران 90 ملين في ايڪڙ جي قيمت تي زمين جي خريداري جي معاملي تي پي اي سي کي ٻڌايو ته ان ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي، پي اي سي کي ٻڌايو ويو ته ان ڪيس جو جوابدار اڳوڻو اين آءِ سي ايل جي چيئرمين اياز خان نيازي آهي، هن چيو ته لاهور ۾ 20 ڪينال زمين جنهن جي اصل قيمت 3 لک روپيا في مرلا هئي اها 20 لک روپيا في مرلا ۾ خريد ڪئي وئي، ان ۾ به اياز خان نيازي ملوث هو، اين آءِ سي ايل جي چيئرمين ٻڌايو ته ان مان اٽڪل اداري کي ٽي ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي، سردار عاشق حسين گوپانگ چيو ته 3 ارب روپين جو غبن ڪندڙ لاءِ ڪا به سزا نه آهي، شفقت محمود چيو ته رياست جي ڪيسن ۾ ڪڏهن ڪنهن ڪيس جو فيصلو رياست جي حق ۾ به ٿيو آهي، اهو اٽارني جنرل کان پڇڻ گهرجي، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته 20 هزار روپيا فيس وارو وڪيل ڇا ڪندو. اداري ۾ بوگس ڊگرين تي ڀرتي ٿيندڙ آفيسرن جي معاملي جو جائزو وٺندي ٻڌايو ويو ته سمورا آفيسر عدالت هليا ويا آهن، سردار عاشق حسين گوپانگ چيو ته انهن ماڻهن ڪوڙ ڳالهايو آهي، ان کان وڏو ڏوهه ڪهڙو هوندو. گردشي قرضن جي حوالي سان پاڻي ۽ بجلي واري وزارت طرفان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 1992ع ۾ جنڪوز ۽ ڊسڪوز ڪمپنيون جوڙيون ويون، هن وقت 10 جنڪوز ڪمپنيون آهن، واپڊا وٽ صرف هائيڊل پاور جو شعبو رهجي ويو آهي، اهڙي طرح 10 ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون آهن، 132 ڪي وي ۽ ان کان گهٽ جو اختيار ڊسٽري بيوشن ڪمپنين وٽ آهي، ان کان مٿي جو اختيار اين ٽي ڊي سي جو اختيار آهي، پي اي سي هدايت ڪئي ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت 33، 66 ۽ 132 ڪي وي جي سمورين ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي گرڊ اسٽيشنن جا تفصيل فراهم ڪري، هن ٻڌايو ته سڄي ملڪ جي بجلي صارفين جو تعداد 2 ڪروڙ 53 لک کان وڌيڪ آهي، جنهن مان 86 سيڪڙو گهريلو، 11.4 سيڪڙو ڪمرشل ۽ 1.3 سيڪڙو انڊسٽريل آهن، 49.5 سيڪڙو بجلي جي کپت گهريلو صارفين ۽ 50 سيڪڙو باقي شعبا استعمال ڪندا آهن، هن چيو ته گذريل سال بجلي جي مجموعي وصولي 95.5 سيڪڙو ۽ هلندڙ سال هيستائين 92 سيڪڙو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت سان بقايائن جا معاملا طئي ٿي ويا آهن، اهڙي طرح پنجاب سان به معاملا طئي ٿي ويا آهن، ڪي پي ڪي صوبي سان ڪو مسئلو نه آهي، آزاد ڪشمير سان مسلسل ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، انهن جو اصل مسئلو ٽيرف جو آهي، پي اي سي جي چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ملڪ جا گردشي قرض 400 ارب روپين کان وڌيڪ ويا آهن، هن پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته لوڊشيڊنگ، گردشي قرضن ۽ مٽاسٽا جي نقصانن جي تفصيلن بابت مڪمل تياري ڪري اڄ اربع ڏينهن پي اي سي کي تفصيلن کان آگاهه ڪري.