چونڊ سڌارن جي لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

چونڊ سڌارن جي لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد(پاکستان نیوزپوائنٹ 23مئ2017ء) چونڊ سڌارن جي لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي واضح ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي قانونسازي جي اختيارن کي چئلينج نٿي ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن چونڊ فارمز بابت قانونسازي کان پارليامينٽ کي روڪڻ چاهي ٿي ته ان جو قانوني جواز مهيا ڪري، اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو. ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن ڪنوير زاهد حامد جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سيد نويد قمر، انوشه رحمان سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ چونڊ فارمز جي جوڙجڪ تي اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو، زاهد حامد اجلاس کانپوءِ مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ ٻڌايو ته ماضي ۾ سياستدانن کي سياست کان پري رکڻ جي لاءِ چونڊ فارمز ۾ غير ضروري مواد شامل ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن به اليڪشن فارمز ۾ غير ضروري سوال موجود هجڻ سان اتفاق ڪيو آهي، سمورا اليڪشن فارمز جا طور طريقا پارليامينٽ طئي ڪندي. رولز ٺاهڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ ئي هوندو، ڪميٽي واضح ڪيو ته اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي قانونسازي جي اختيارن کي چئلينج نٿي ڪري سگهي، ڪميٽي اليڪشن فارمز بابت اليڪشن ڪميشن جي خدشن سان اتفاق نه ڪيو، ذيلي ڪميٽي جو اجلاس اڄ اربع ڏينهن ٻيهر ٿيندو، اجلاس ڪنوينر زاهد حامد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.