وزيراعظم سعودي عرب جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد پهچي ويو

وزيراعظم سعودي عرب جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سعودي عرب جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪالهه اڱاري ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد نواز شريف روضه رسول صه تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ مدينه منوره کان وطن واپس روانو ٿيو ته پرنس محمد بن عبالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مدينه جي گورنر شهزاده فيصل بن سلمان ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي رخصت ڪيو. وزيراعظم پنهنجي ٽن ڏينهن دوري دوران رياض ۾ پهرين آمريڪا عرب اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. هن مدينه منوره ۾ روضه رسول صه تي حاضري ڀري، وزيراعظم رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.