قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو

اسلام آباد(پاکستان نیوزپوائنٹ 23مئ2017ء) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ٿيو، نعت رسول مقبول صه کانپوءِ اسپيڪر پينل آف چيئرپرسن جي نالن جو اعلان ڪيو جنهن موجب محمد پرويز ملڪ، چوڌري محمود بشير ورڪ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، شيخ صلاح الدين، ڊاڪٽر عارف علوي ۽ آسيه ناصر اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندا. اسپيڪر ايوان کي ٻڌايو ته هن ايوان جو سينئر ميمبر عبدالرحيم مندوخيل گذريل ڪيترن ئي مهينن کان عليل هو، جيڪو 20 مئي تي لاڏاڻو ڪري ويو آهي، اسپيڪر چيو ته جمهوريت جي لاءِ سندس وڏيون خدمتون هيون، ان کانسواءِ هن ٻڌايو ته 20 مئي تي تربت، 22 مئي تي خيبرايجنسي، وادي تيراه ۾ پيش آيل واقعن ۾ فوتگيون ٿيون، هن چيو ته سمورن مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي وڃي، اسپيڪر جي چوڻ تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪرائي، ان سان گڏ ئي قومي اسيمبلي جو اجلاس اربع ڏينهن ٽپهر ساڍي 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.