خطي جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سارڪ جي پليٽ فارم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

خطي جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سارڪ جي پليٽ فارم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد(پاکستان نیوزپوائنٹ 23مئ2017ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته خطي جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سارڪ جي پليٽ فارم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ سارڪ سيڪريٽريٽ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي. صدر اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن سارڪ جي نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل امجد حسين بي سيال سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي ايوان صدر ۽ پرڏيهي وزارت جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. صدر چيو ته سارڪ کي موثر پليٽ فارم بڻائڻ جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، ان سلسلي ۾ سارڪ جو فورم هڪ بهترين بنياد فراهم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ميمبر ملڪن جي مختلف شعبن ۾ ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ سارڪ چارٽر انتهائي لاڀائتو دستاويز آهي، پاڪستان اهو مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سچي نيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ڇو ته ميمبر ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻڻ لاءِ انهن مقصدن جو فروغ ضروري آهي. صدر چيو ته خطي جي زميني، سامونڊي ۽ فضائي رابطن کي موثر بڻائڻ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان انهن مقصدن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته خطي جي ملڪن جي وچ ۾ مواصلاتي رابطا اقتصادي سرگرمين جي فروغ جو ذريعو بڻجندا. هن چيو ته سارڪ ملڪن جي وچ ۾ اختلافن جي خاتمي جي لاءِ مسلسل ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ سارڪ سيڪريٽريٽ جو ڪردار اهم آهي پر ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن رابطن ۾ پڻ اضافو ٿيڻ گهرجي ته جيئن گڏيل هم آهنگي ۾ اضافو ٿي سگهي. ان موقعي تي سارڪ سيڪريٽري جنرل امجد حسين بي سيال ٻڌايو ته ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ ۽ گهرو معاملن جي کاتن جي وچ ۾ وزارتي سطح تي رابطا شروع ڪيا ويا آهن.