وزيراعظم پاران برطانيا جي شهر مانچسٽر ۾ ڌماڪي جي مذمت

وزيراعظم پاران برطانيا جي شهر مانچسٽر ۾ ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد(پاکستان نیوزپوائنٹ 23مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف برطانيا جي شهر مانچسٽر ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 22 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي جو خاتمو جامع ڪوششن جو گهرجائو آهي ۽ بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙ اهڙيون ڪارروايون انتهائي مذمت جوڳيون آهي. هن چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف برطانيا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي.