وزيراعظم مسجد نبوي صه ۾ عصر جي نماز ادا ڪئي

وزيراعظم مسجد نبوي صه ۾ عصر جي نماز ادا ڪئي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سومر ڏينهن مسجد نبوي صه ۾ عصر جي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي هن اسلامي دنيا ۾ امن ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. مسجد نبوي صه ۾ موجود پاڪستاني برادري وزيراعظم کي ڏسي انتهائي خوشي جو اظهار ڪيو. هنن وزيراعظم طرف هٿ لهرايا ۽ پاڪستان زندهه آباد جا نعرا پڻ هنيا۔