وزيراعظم جي پروگرام تحت پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽرين اسٽيڊيز ۾ ٻن ڏينهن وارو لازمي تربيتي پروگرام منعقد

وزيراعظم جي پروگرام تحت پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽرين اسٽيڊيز ۾ ٻن ڏينهن وارو لازمي تربيتي پروگرام منعقد

اسلام آباد(پاکستان نیوزپوائنٹ 23مئ2017ء) نوجوانن کي تربيت لاءِ وزيراعظم جي پروگرام تحت پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽرين اسٽيڊيز (پيپس) ۾ ٻن ڏينهن وارو لازمي تربيتي پروگرام منعقد ٿيو. ان پروگرام تحت تعليم يافته نوجوانن کي سياسي ۽ پارلياماني معاملن ۾ سکيا فراهم ڪئي پئي وڃي، نوجوان ٽرينيز لاڳاپيل پارليامينٽ ميمبرن کي معمول جي پارلياماني ڪارروائي ۾ مدد فراهم ڪن ٿا، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پبلڪ ايڊمنسٽريشن، علوم عمراني، انساني وسيلن جي ترقي، ڪمپيوٽر سائنسز ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن جي شعبي سان لاڳاپيل تعليم يافته نوجوانن کي ريسرچ ايسوسيئيٽس مقرر ڪيو ويو آهي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل پارليامينٽ جي ميمبرن، صوبائي يا علائقائي اسيمبلين جي ميمبرن سان گڏجي ڪم ڪندا ۽ روزاني جي پارلياماني معاملن ۾ انهن جي مدد ڪندا. ان ڏس ۾ 871 نوجوانن کي مرضي موجب لاڳاپيل پارليامينٽ جي ميمبرن، صوبائي ۽ علائقائي اسيمبلين جي ميمبرن سان ڳنڍيو ويو آهي، قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان 369 جڏهن ته خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبرن سان ترتيبوار 124، 345 ۽ 33 انٽرنيز کي ڳنڍيو ويو آهي، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرپرسن ليليٰ خان ان قدم کي ملڪ کي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ نئون دور قرار ڏنو آهي، هن چيو ته ان قدم سان تعليم يافته ۽ هنرمند نوجوانن کي سياسي عمل ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا ملندا.