وزيراعظم 21 مئي کان 23 ئي تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو

وزيراعظم 21 مئي کان 23 ئي تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 20مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي 21 مئي کان 23 ئي تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو جتي هو رياض ۾ پهرين آمريڪي عرب اسلامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس کي خطاب ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف اسلام جي امن، برداشت ۽ اتحاد جي پيغام کي اجاگر ڪندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس کي خطاب دوران وزيراعظم خطي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عظيم قربانين ۽ ثمرن تي روشني وجهندو، پنهنجي دوري دوران وزيراعظم دهشتگردي خلاف عالمي مرڪز جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان تقريب ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. آمريڪا عرب اسلامي ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کانسواءِ 55 ملڪن جي رياستي ۽ حڪومتي سربراهن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. رياض ۾ ٿيندڙ ان ڪانفرنس ذريعي عالمي اڳواڻن کي دنيا مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ مختلف طريقن تي غور جو موقعو ملندو. اميد آهي ته ان ڪانفرنس ذريعي دهشتگردي کي ڪنهن خاص مذهب، ثقافت، تهذيب يا علائقي سان ڳنڍڻ جي رجحان کي ختم ڪري سگهبو.