صدر پاران عبدالرحيم مندوخيل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

صدر پاران عبدالرحيم مندوخيل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد(پاکستان نیوزپوائنٹ 20مئ2017ء) صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي ميمبر عبدالرحيم مندوخيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي موجب صدر پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مرحوم جي ايصال ثواب ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. صدر ممنون حسين چيو ته عبدالرحيم مندوخيل سينيئر سياستدان ۽ سماجي شخصيت هو، جمهوريت جي استحڪام لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتون آهن جن کي سدائين ياد رکيو ويندو.