مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 26 مئي تي ٿيندو

مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 26 مئي تي ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 20مئ2017ء) مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس رمضان المبارڪ 1438هه جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ 26 مئي (29 شعبان 1438هه) جي شام مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي عمارت ۾ ٿيندو. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي چنڊ جي رويت بابت اعلان ڪندي. ٻئي طرف ضلعي ۽ زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس پڻ پنهنجي لاڳاپيل آفيسن ۾ هڪ ئي وقت ٿيندا.