وزيراعظم پاران ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي ڊاڪٽر حسن روحاني کي مبارڪون

وزيراعظم پاران ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي ڊاڪٽر حسن روحاني کي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 20مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ٻئي مدي جي لاءِ ڪاميابي تي ڊاڪٽر حسن روحاني کي مبارڪباد ڏني آهي. ايران ۾ صدارتي چونڊون جمعي ڏينهن ٿيون هيون. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن جاري بيان موجب ايراني صدر جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ايران جي عوام ويزنري ۽ دانشمنداڻي قيادت واري اڳواڻ جي چونڊ ڪئي آهي جنهن جي قيادت ۾ ايران سموري قومي ۽ علائقائي دائري ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران تاريخ، ثقافت، روايتن ۽ عقيدي جي بنياد تي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته هو پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن، تعاون ۽ خطي ۾ امن، خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ اقتصادي پارٽنرشپ کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ايراني صدر سان گڏجي ڪم جاري رکندو.