قومي اسيمبلي جو بجيٽ سيشن اربع ڏينهن 24 مئي تي گهرائڻ جو امڪان

قومي اسيمبلي جو بجيٽ سيشن اربع ڏينهن 24 مئي تي گهرائڻ جو امڪان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مئ2017ء) قومي اسيمبلي جو بجيٽ سيشن اربع ڏينهن 24 مئي تي گهرائڻ جو امڪان آهي. 18 -2017ع جي وفاقي بجيٽ جمعي تي پيش ڪئي ويندي. پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب 24 مئي اربع ڏينهن بجيٽ سيشن گهرائڻ جي لاءِ پارلياماني معاملن واري وزارت طرفان سمري تيار ڪئي وئي آهي جنهن کي وزيراعظم ڏانهن موڪليو ويندو. 18 – 2017ع جي وفاقي بجيٽ جمعي ڏينهن 26 مئي تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.