پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪندو: شاهنواز رانجها

پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪندو: شاهنواز رانجها

سرگوڌا (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مئ2017ء) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بيريسٽر محسن شاهنواز رانجها چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪندو، ڪلڀوشن ياديو بيگناهه پاڪستانين جي قتل ۾ ملوث آهي، اهو پاڪستان جي سلامتي جو معاملو آهي، ڀارت انصاف جي عالمي عدالت ۾ ويانا ڪنوينشن جي خلاف ورزين جي الزامن سان پاڻ ئي بي نقاب ٿي ويو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ رياستي دهشتگردي تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪلڀوشن جي معاملي کي انساني معاملو بڻائي پيش ڪرڻ چاهي ٿو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي اهم ترجيح قومي سلامتي آهي ۽ قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي، اهو رڳو عبوري فيصلو آهي ۽ ان سان ڪنهن جي شڪست يا فتح بابت نه ٿو چئي سگهجي، هن وڌيڪ چيو ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڪلڀوشن ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ بهترين انداز ۾ ڪيس وڙهيو، پاڪستان جي دشمنن کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي، ڀارت جيتري به واويلا ڪري هو عالمي برادري آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، بيگناهه ۽ معصوم ڪشميرين جو قاتل ڀارت هاڻي ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي انصاف پسند نه ٿو چورائي سگهي.