پاڪستان جي سالميت ۽ قومي سلامتي سڀني کان مٿانهين آهي: اياز صادق

پاڪستان جي سالميت ۽ قومي سلامتي سڀني کان مٿانهين آهي: اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مئ2017ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت ۽ قومي سلامتي سڀني کان مٿانهين آهي، ڪلڀوشن ياديو جي حوالي سان انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. ڪالهه جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پارليامينٽري رپورٽرز ايسوسيئيشن ۽ سڄي ملڪ مان آيل سينئر صحافين جي اعزاز ۾ پنهنجي پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پارلياماني رپورٽرز خاص طور تي پي آر اي سان سندس هڪ خاص رشتو آهي ۽ جيڪو سندس لاءِ اثاثي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته پارلياماني رپورٽرن کي گهرجي ته هو پارليامينٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ لکت طور تي تجويزون فراهم ڪن. جنهن کانپوءِ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڪلڀوشن جي سزا جو معاملو قومي اهميت جو مسئلو آهي، ان تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، مون کي ان ڪيس جا وڌيڪ تفصيل معلوم نه آهن ان لاءِ وڌيڪ تبصرو نه ٿو ڪري سگهان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊان جي خبر جي معاملي تي هر اداري پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته ڪلڀوشن جي معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرائي سگهجي ٿو، هن چيو ته ميڊيا جي تنقيد اسان جي لاءِ رهنمائي جو سبب آهي، قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ منهنجي اختيار ۾ نه آهي ڇو ته اسپيڪر طور تي سياسي پارٽين تي منهنجو ڪو به اختيار نه آهي، ڪورم پورو ڪرڻ سياسي پارٽين جي ذميواري آهي.