قومي اقتصادي ڪائونسل مالي سال 18 -2017ع جي لاءِ سالياني پلان ۽ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏئي ڇڏي

قومي اقتصادي ڪائونسل مالي سال 18 -2017ع جي لاءِ سالياني پلان ۽ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مئ2017ء) قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) مالي سال 18 -2017ع جي لاءِ سالياني پلان ۽ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اين اي سي جو اجلاس جمعي ڏينهن وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم، خيبرپختونخوا جو گورنر، پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير به موجود هئا. اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته مالي سال 18 -2017ع جي لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ صوبائي حصي ۾ مالي سال 13 -2012ع جي ڀيٽ ۾ ٽي دفعا وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ترقياتي منصوبابندي جي لاءِ عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي.