موجوده چونڊيل حڪومت جي دور ۾ مثبت ۽ دانشمنداڻين معاشي پاليسين جي ڪري پاڪستاني پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي23 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن: صدر ممنون حسين

موجوده چونڊيل حڪومت جي دور ۾ مثبت ۽ دانشمنداڻين معاشي پاليسين جي ڪري پاڪستاني پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي23 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن: صدر ممنون حسين

ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 06 اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته موجوده چونڊيل حڪومت جي دور ۾ مثبت ۽ دانشمنداڻين معاشي پاليسين جي ڪري پاڪستاني پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي 23 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن، معاشري جي باشعور طبقن جو فرض آهي ته اهي حڪومت جي سٺن قدمن کي عوامي سطح تي مثبت انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ قبائلي اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي ۽ بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله خان زهري پڻ موجود هئا. صدر چيو ته موجوده حڪومت کي 2013ع جي چونڊن وقت 14 هزار 800 ارب رپين جو قرض ورثي ۾ مليو، 2013ع کان 2016ع تائين قرضن جي ڪاٿي ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ 2008ع کان 2013ع تائين 5 سالن دوران ملڪي قرضن ۾ ٻه سئو سيڪڙو اضافو ٿيو هو، موجوده حڪومت وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ موثر معاشي سڌارا آڻي گذريل ٽن سالن دوران ٻاهرئين قرضن جي ڪاٿي کي رڳو 21 سيڪڙو تائين محدود رکيو آهي. صدر چيو ته ناڻي واري وزارت مستقبل ۾ آءِ ايم ايف کان ڪو نئون قرض نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو هڪ مثبت قدم آهي. ان فيصلي سان ملڪي معيشت مستحڪم ۽ مضبوط ٿيندي. صدر ممنون حسين چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي لاءِ قدرت پاران هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن تي اسان کي الله تعاليٰ جا ٿورا مڃي ان نعمت مان پوري طرح فائدو کڻڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سي پيڪ جي اولهندي روٽ ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي ۽ ان بابت پکڙيل افواهون بي بنياد آهن. هن چيو ته ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن آهي، ٻن سالن ۾ پاڪستان ترقي جي ان رستي تي هلي پوندو جنهن جي اسان خواهش ڪريون ٿا. صدر شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته اهي عوامي مفاد ۾ کنيل قدمن ۽ انهن جي فائدن کان عوام کي آگاهه ڪن ۽ صحيح انگن اکرن سان حڪومت جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ زميني حقيقتن موجب پيش ڪن ته جيئن سٺن قدمن جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ ترقي جو تسلسل جاري رکي سگهجي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:11