جمهوريت، وفاق ۽ پارلياماني نظام 1973ع جي آئين جو بنياد آهي: اعتزازاحسن سيد نيئر حسين بخاري

جمهوريت، وفاق ۽ پارلياماني نظام 1973ع جي آئين جو بنياد آهي: اعتزازاحسن سيد نيئر حسين بخاري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06 اگست 2016ء) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته جمهوريت، وفاق ۽ پارلياماني نظام 1973ع جي آئين جو بنياد آهي، سينيٽ پاڪستان جي وفاق جي علامت آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ سينيٽ آف پاڪستان پاران منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته ايم آر ڊي جي تحريڪ آمر کي آئين بحال ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ جمهوريت جي لاءِ پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءَ ان جو جهنڊو کڻي گهٽين ۽ چوراهن ۾ جدوجهد ڪئي، سندس قربانين کي مڃڻ به ضروري آهي، جمهوريت، وفاق ۽ پارلياماني نظام 1973ع جي آئين جو بنياد آهن، ان جي لاءِ سڀني قربانيون ڏنيون، 18 هين ترميم ۾ سينيٽ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن سان صوبا وڌيڪ مضبوط ۽ وفاق مضبوط ٿيندو. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري خطاب ڪندي چيو ته 1973ع جو آئين رياست جي ڌرين جي وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو هو، پاڪستان ۾ جمهوريت کي ڪيترائي چئلينج ۽ مشڪلاتون آڏو رهيا، جمهوريت جي بحالي لاءِ سياسي پارٽين ۽ ان جي ڪارڪنن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اين ايف سي ايوارڊ ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا ادارا آئين جو اهم جز آهن، سينيٽ پاڪستان جي وفاق جي علامت آهي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک17:58