ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪو، 30 ماڻهو اجل جو شڪار

ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪو، 30 ماڻهو اجل جو شڪار

ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ سومر تي هڪ حملي ۾ بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي مارجي ويندڙ صدر جي پوسٽ مارٽم دوران سول اسپتال ۾ ڌماڪي جي نتيجي م 30 ماڻهو مارجي ويا، تفصيل موجب ڪوئيٽا جي علائقي منوجان روڊ تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي صدر بلال ڪانسي ايڊووڪيٽ کي ان وقت قتل ڪيو جڏهن هو گهر کان عدالت ڏانهن وڃي رهيو هو، جوابدار واردات کانپوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس ۽ سيڪيورٽي فورس اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس پوسٽ مارٽم ٿي رهيو هو ته اوچتو سول اسپتال جي حادثن واري شعبي جي مکيه دروازي تي هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ وڪيل، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو شديد زخمي ۽ مارجي ويا، هيستائين اطلاعن موجب ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ آج نيوز جو ڪئميرا مين شهزاد خان به شامل آهي، مارجي ۽ زخمي ٿيندڙن ۾ ڊان نيوز جي ڪئميرا مين سميت ميڊيا ۽ وڪيلن جو وڏو تعداد شامل آهي، پوليس موجب ڌماڪي ۾ 30 ماڻهو مارجي ويا ۽ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، زخمين کي ڪوئيٽا جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ڌماڪي کانپوءِ سول اسپتال ۾ افراتفري مچي وئي ۽ ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز سول اسپتال کي گهيري ۾ وٺيوڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.