قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سينيٽ جي ڪارروائي ڏسڻ تاريخي لمحوآهي: سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سينيٽ جي ڪارروائي ڏسڻ تاريخي لمحوآهي: سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي مهمانن جي گئلري ۾ سينيٽ جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ موجودگي هڪ تاريخي لمحو آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ، آئين، وفاقيت، جمهوريت، عوام جي ڀلائي ۽ انهن جي حقن لاءِ گڏ آهن ۽ گڏ جدوجهد جاري رکندا. جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽ جي 44 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ منعقد خصوصي اجلاس ۾ خيالن جو اظهارڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته اها نهايت ئي اهم اڳڀرائي آهي ته اڄ سينيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر گئلري جي اندر سينيٽ جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ موجود آهي ان جو ٿورو ادا ڪريون ٿا ته سينيٽ جي 44 هين يوم تاسيس جي تقريبن جو حصو بڻيو آهي، ان سان نهايت اهم پيغام مليو آهي ته پاڪستان جي پارليامينٽ ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ مسلسل رابطو آهي ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ آئين، وفاقيت، جمهوريت ۽ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي ۽ انهن جي حقن لاءِ گڏ بيٺل آهن ۽ گڏ جدوجهد جاري رکندا. اسپيڪر جي موجودگي سان اهو پيغام سينيٽ مان وڃي رهيو آهي، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري، اڳوڻا ڊپٽي چيئرمينز ۽ اڳوڻن سينيٽرن جو اچڻ تي ٿورو ادا ڪريون ٿا، انهن جي اڳواڻي سان هي ايوان اڳتي هلندو.