سينيٽ ۾ سڀني ڌرين جي برابر نمائندگي آهي: سينيٽر مشاهد الله خان

سينيٽ ۾ سڀني ڌرين جي برابر نمائندگي آهي: سينيٽر مشاهد الله خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر مشاهد الله خان چيو آهي ته سينيٽ ۾ سڀني ڌرين جي برابر نمائندگي آهي، جمهوريت جي لاءِسياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي هڪٻئي سان گڏجي هلندا ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي ڪو به نقصان نٿو پهچائي سگهي، جمعي ڏينهن ايوان جي اجلاس ۾ سينيٽ جي 44 هين يوم تاسيس سينيٽ جي ڪردار ۽ اختيارن تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته اڄ سينيٽ جو 44 هون يوم تاسيس ملهايو پيو وڃي، هن ايوان ۾ سڀني ڌرين جي برابر نمائندگي آهي، تمام گهٽ مسلمان ملڪ آهن جتي جمهوريت آهي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، جنهن جي لاءِ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اڳوڻي سينيٽر چوڌري محمد اسلم ۽ ٻين سينيٽرن جيڪو ٻوٽو لڳايو هو هاڻي اهو مضبوط وڻ بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ايوان ۾ اچڻ تي ٿورو ادا ڪريون ٿا، ان جي انقلابي قدمن سان پارليامينٽ مضبوط ٿي آهي، سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني جو به تمام اهم ڪردار آهي، هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت دوستن سان گڏوگڏ جمهوريت جا دشمن به موجود آهن، پر جيڪڏهن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي هڪٻئي سان گڏجي هلن ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي ڪو به نقصان نٿو پهچائي سگهي.