اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته 1973ع ۾ اڳوڻي سينيٽر عبدالحئي بلوچ سينيٽ جو نالو هائوس آف نيشنلٽيز رکڻ جي رٿ پيش ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هاڻي اسان ان جو نالو هائوس آف فيڊريشن رکي ڇڏيو آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران هن ٻڌايو ته جڏهن 1973ع جو آئين تيار ٿي رهيو هو ته ان وقت اڳوڻي سينيٽر عبدالحئي بلوچ قومي اسيمبلي جو ميمبر هو ۽ هن سينيٽ جي حوالي سان جيڪا پنهنجي پهرين رٿ پيش ڪئي هئي ان ۾ چيو هو ته سينيٽ جو نالو هائوس آف نيشنيلٽيز هئڻ گهرجي. هن چيو ته 1973ع ۾ عبدالحئي بلوچ تجويز پيش ڪئي، جنهن کانپوءِ هاڻي وڃي اسان سينيٽ جو نالو هائوس آف فيڊريشن رکي ڇڏيو آهي.
سينيٽ جو نالو هائوس آف فيڊريشن رکي ڇڏيو آهي: سينيٽ چيئرمين
9 سال پھريان
