ڀارتي گهرو وزير جي حڪم تي والاريل ڪشمير ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ۽ 75 کي اکين جي نور کان محروم ڪيو ويو: چوڌري برجيس طاهر

ڀارتي گهرو وزير جي حڪم تي والاريل ڪشمير ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ۽ 75 کي اکين جي نور کان محروم ڪيو ويو: چوڌري برجيس طاهر

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) ڪشمير گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر چيو آهي ته ڀارتي گهرو وزير جي حڪم تي والاريل ڪشمير ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ۽ 75 کي اکين جي نور کان محروم ڪيو ويو، سفارتي آدابن موجب سندس استقبال ڪيو ويو. ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي گهرو وزير جي سارڪ ڪانفرنس ۾ پنهنجي مصروفيت هئي، جنهن ايجنڊا تي ڪانفرنس ٿي رهي هئي هن شرڪت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي دهشتگردي ۽ بربريت سندس حڪم تي ٿي رهي آهي، هڪ سئو کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ۽ 75 ڄڻن کي اکين جي نور کان محروم ڪيو ويو. سندس آمد تي وڏا احتجاج ٿي رهيا هئا، پر پاڪستان سفارتي آدابن موجب سندس استقبال ڪيو ۽ مهمانوازي ڪئي. سندس ڪانفرنس ڇڏي هليو وڃڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي. ٻين ملڪن ۾ وزير ايندا ويندا رهندا آهن پر ڀارت جو ڪشمير مسئلي تي چور مچائي شور واري ڳالهه آهي.