ڀارتي گهرو وزير جي سارڪ ڪانفرنس ڇڏي هلي وڃڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي: عابد شير علي

ڀارتي گهرو وزير جي سارڪ ڪانفرنس ڇڏي هلي وڃڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي: عابد شير علي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ڀارتي گهرو وزير جي سارڪ ڪانفرنس ڇڏي هلي وڃڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، پاڪستان ڪشميرين تي ٿيندڙ بربريت برداشت نه ڪندو، پارٽي جي اندر جمهوريت سان تنقيد ڪرڻ جمهوريت جو حسن آهي، ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي بربريت برداشت نه ڪندو جهڙي طرح اڄ والاريل ڪشمير جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير رد عمل ڏنو آهي ان کان به سخت رد عمل ڏينداسين. ڀارتي گهرو وزير جي ڪانفرس ڇڏي هلئي وڃڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو جيستائين حل نٿو ٿئي ۽ ڪشميرين کي آزادي نٿي ملي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو، هن چيو ته معصوم ڪشميرين تي ڀارتي بربريت ۽ دهشتگردي کي دنيا جي سامهون اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڪستان پنهنجون ذميداريون پوريون ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اڄ وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. پارٽي جي اندر جمهوريت سان تنقيد ڪرڻ جمهوريت جو حسن آهي، اسان جي پارٽي جي اندر ڳواڻ ايم اين ايز جون ڳالهيون ٻڌندو آهي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 21:16