اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه قومي اسيمبلي ميمبر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڀارتي گهرو وزير والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪئي آهي، کيس سارڪ ڪانفرنس ۾ دهشتگردي جي پاڻ کي مذمت ڪرڻ گهرجي، سارڪ ڪانفرنس ڇڏي هلي وڃڻ تنگ نظري آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت کي فراخ دلي جو مظاهرو ڪري اسان جي ڳالهه ٻڌڻ گهربي هئي ۽ هو پنهنجا دليل ڏئي سگهيو پئي. سارڪ ڪانفرنس جو پنهنجو هڪ ايجنڊا آهي، ڀارت کي خيال ڪرڻ گهربو هو. هن چيو ته ڀارت دنيا جو وڏو جمهوريت جو دعويدار آهي ان دعويدارن کي وڏپڻي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ڀارت جو رويو اڄ به اهڙو آهي جهڙو پهرين هو.
ڀارتي گهرو وزير والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪئي آهي: مولانا فضل الرحمان
8 سال پھريان