پاڪستان جا ترڪمانستان سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن: صدر ممنون حسين

پاڪستان جا ترڪمانستان سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جا ترڪمانستان سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ روايتن تي ٻڌل آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ترڪمانستان جي پارليامينٽ جي چيئرپرسن اڪجانر برديوا جي سربراهي ۾ وفد سان ڪالهه اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق پڻ موجود هو. صدر زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ميمبرن ۽ ڪميٽين جي وچ ۾ مضبوط رابطا هجڻ گهرجن. صدر ان موقعي تي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ڪاٿو صلاحيت کان گهٽ آهي جنهن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن طرفان واپار جي فروغ لاءِ سيڙپڪارن کي آسان ويزا جي سهولت ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل واپار ۾ اضافو ٿئي. صدر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل رابطن جي لاءِ ڪاروباري شخصيتن ۽ سياحن جي سهولت لاءِ فضائي سروس شروع ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان، ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين منصوبو علائقائي توانائي جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ تمام وڏو منصوبو آهي ۽ پاڪستان ان منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر ترڪمانستان پاران 100 ميگاواٽ بجلي جي آڇ تي ٿورا مڃيا. صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ تاپي منصوبي سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي ۽ علائقائي رابطن ذريعي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ترڪمان پارليامينٽ جي چيئرپرسن اڪجانر برديوا چيو ته ترڪمانستان پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن. هن صدر کي ٻڌايو ته ترڪمانستان علائقائي ملڪن کي بجلي فراهم ڪرڻ جي لاءِ تاپي گئس پائيپ لائين سان گڏوگڏ بجلي لائين وڇائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته وفد جو اسلام آباد ۾ قيام خوشگوار ۽ يادگار هوندو.