اڄ جو پاڪستان 2013ع جي پاڪستان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پرامن،خوشحال ۽ مستحڪم آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اڄ جو پاڪستان 2013ع جي پاڪستان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پرامن،خوشحال ۽ مستحڪم آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اڄ جو پاڪستان 2013ع جي پاڪستان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پرامن، خوشحال ۽ مستحڪم آهي، پاڪستان کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي پاڇي مان ڪڍي استحڪام ۽ روشن خيالي جي فضا ۾ آڻڻو آهي، والاريل ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو نه آهي، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلي جو حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد ٿنڀ آهي،گڏيل تڪرارن جو پرامن ۽ ڳالهين وسيلي حل وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان ڪنهن تڪرار کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، پاڪ چين دوستي هڪ ڊگهي حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن اهم ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن جي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم گذريل ٻن ڏينهن دوران سفيرن جي ڪانفرنس ۾ جوڙيل سفارشن جي روشني ۾ پنهنجي ويزن کي واضح ڪندي پاڪستاني سفيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ دنيا آڏو پاڪستان جو ڪيس پيش ڪرڻ آسان آهي، توهان پوري اطمينان سان پاڪستان جو تصور دنيا آڏو رکي سگهو ٿا ۽ عالمي برادري کي اهڙي مستقبل طرف ڌيان ڇڪرائي سگهي ٿو جنهن ۾ معاشي خوشحالي به آهي ۽ سرمائي جو يقيني تحفظ به آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي قومي سڃاڻپ، علائقائي ۽ عالمي سڃاڻپ سان هم آهنگ نه آهي ته ان کي عالمي سطح تي اڪيلائپ کي منهن ڏيڻو پئي سگهي ٿو تنهن ڪري اسان کي پنهنجي قدرن سان گڏ عالمي تهذيبي قدرن جو به خيال رکڻو آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجي مفادن کي عالمي مفادن سان به هم آهنگ بڻائڻو آهي. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته گڏيل تڪرارن جو پرامن ۽ ڳالهين وسيلي حل وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان ڪنهن ڇڪتاڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، اسان جيڪڏهن ڪنهن ڇڪتاڻ ۾ ڦاسنداسين ته اسان جي اها اڳڀرائي رڪجي ويندي جيڪا اقتصادي ۽ سماجي ميدان ۾ جاري آهي، وقار، عزت ۽ برابري جي بنياد تي اسان سڄي دنيا ۾ امن چاهيون ٿا، دوستاڻن لاڳاپن جي ڪوششن کي ڪنهن به طور تي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل مفاد، هڪ ٻئي جي خودمختياري ۽ سلامتي جي احترام ۽ عدم مداخلت تي يقين رکون ٿا. وزيراعظم سفيرن کي چيو ته اڄ پاڪستان کي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي محاذن تي سرگرم ٿيڻو آهي، پاڪستان کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي پاڇي مان ڪڍي استحڪام ۽ روشن خيالي جي فضا ۾ آڻڻو آهي، نيشنل ايڪشن پلان ۽ ضرب عضب پاڪستاني قوم، پاڪستاني رياست ۽ پاڪستاني حڪومت جي عزم ۽ هڪجهڙائي جو اظهار آهي، پاڪستان دهشتگردي مان تقريبن ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪو آهي، هاڻي انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي ته جيئن دهشتگردي کي پاڙ کان ختم ڪيو وڃي. الله جي فضل ۽ ڪرم سان دهشتگردي جي مرڪزن جو خاتمو ڪيو ويو آهي، ان جي لاءِ پاڪ فوج، پوليس، رينجرز، سلامتي جي ادارن ۽ عوام جيڪي قربانيون ڏنيون آهن پوري دنيا انهن کي مڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته چين اسان جو ڀروسي جوڳو دوست ملڪ آهي، اها دوستي هر دور ۾ هر آزمائش ۾ وڌيڪ پختي ٿي آهي، اسان کي خوشي آهي ته اها دوستي هڪ ڊگهي حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، سي پيڪ جي منصوبن تي اسان چيني حڪومت ۽ عوام جي دل سان ٿورائتي آهي، اسان پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. سي پيڪ جي حيثيت هڪ گيم چينجر جي آهي، اهو رڳو معاشي خوشحالي جو منصوبو نه پر ان جي ذريعي خطي ۾ گڏيل لاڳاپن جو هڪ نئون ويزن متعارف ڪرائي رهيا آهيون. اهو اقتصادي مفادن جي حصيداري جو منصوبو آهي. ان ۾ ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا جي لاءِ به امڪانن جي هڪ پوري دنيا آهي. اسان ان منصوبي کي خطي ۾ نون لاڳاپن جو بنياد بڻائڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڏکڻ ايشيا کي ان تاريخي رڪاوٽ مان ڪڍي سگهون جنهن جي ڪري اسان جا وسيلا هڪ اهڙي ڇڪتاڻ جي ور چڙهي رهيا آهن جنهن ۾ ڪنهن جو مفاد نه آهي، سي پيڪ هڪ مستحڪم انفراسٽرڪچر جي جوڙجڪمنصوبو آهي جيڪو نه رڳو پرڏيهي سيڙپڪارن جو وڌيڪ ڌيان ڇڪرائي سگهندو پر علائقائي ترقي ۽ خوشحالي جو پڻ ضامن هوندو. هن سفيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ توهان کي هن روشن پاڪستان جو تعارف دنيا آڏو رکڻو آهي، توهان جي ذميواري آهي ته توهان دنيا کي انهي پاڪستان کان متعارف ڪرايو جنهن جو ڳاڻيٽو اڀرندڙ معيشتن ۾ ٿي رهيو آهي جيڪو ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مستحڪم ۽ محفوظ آهي، جتي انساني حقن جو احترام ڪيو وڃي ٿو، جتي اقليت پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ محفوظ آهن، جتي هڪ اهڙو مضبوط اقتصادي ۽ قانوني انفراسٽرڪچر موجود آهي جيڪو سرمائي کي نه رڳو تحفظ فراهم ڪري ٿو پر ان جي واڌويجهه پڻ ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن جن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. وزيراعظم سفيرن تي زور ڀريو ته پاڪستان جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ اضافو توهان جي خصوصي مشن هجڻ گهرجي، اهو توهان جي اقتصادي سفارتڪاري جو امتحان آهي. گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلي جو حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي حصو آهي، اڄ ڪشمير ۾ آزادي جينئين لهر آهي، ڀارت کان آزادي جي خواهش، ڪشميرين جي ٽئين نسل جي رت ۾ جنهن شدت سان ڊوڙي رهي آهي، ان جو مظاهرو دنيا 8 جولاءِ کانپوءِ پنهنجي اکين سان ڏسي رهي آهي. هن چيو ته توهان کي اها خبر هجڻ گهرجي ته ڪشميرين جي نئين نوجوان نسل آزادي جي تڙپ ۾ قربانين جي لازوال داستان لکي رهي آهي، انهن جون اکيون گولين جو کاڄ ٿي ويون آهن پر آزادي جي روشني انهن جي رهنمائي ڪري رهي آهي، توهان کي دنيا کي باور ڪرائڻو آهي ته والاريل ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو نه آهي، ڀارت ان کي تڪراري مڃيو آهي، گڏيل قومن ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار قرار ڏنو آهي جنهن ۾ ڪشميري به هڪ بنيادي ڌر آهن. وزيراعظم چيو ته ڪشمير انساني حقن جي پائمالي جو ڪيس به آهي، اڄ دنيا ۾ انساني حقن کي ڪنهن ملڪ جو اندروني مسئلو نه ٿو سمجهيو وڃي، اهو هڪ عالمي مسئلو آهي، انهن ٻن بنيادن تي توهان کي ڪشمير جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو هدف رهيو آهي، دنيا ۾ دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان آهي، توهان کي ان ڪيس کي دنيا آڏو ثبوتن سان پيش ڪرڻو آهي، توهان کي دنيا کي اهو باور ڪرائڻو آهي ته پاڪستاني عوام، پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي جا ادارا دهشتگردي جي ان جنگ ۾ متحد آهن ۽ هڪ بي مثال عزم سان ان جنگ کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائڻ وارا آهن. توهان کي دنيا کي پاڪستاني قوم جي بي مثال قربانين کان آگاهه ڪرڻو آهي. وزيراعظم خطي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته افغانستان ۾ امن، پاڪستان جي امن لاءِ ضروري آهي. ان جي لاءِ اسان چار ڌريي ڳالهين واري عمل کي اڳيان وڌايو ۽ آئنده به اسان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ڪوشش سان گڏ آهيون. اها ڳالهه عالمي دنيا کي معلوم هجڻ گهرجي ته پاڪستان پنهنجي زمين کي ڪنهن ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو ۽ اهو پاڪستان جو واضح رياستي موقف آهي. وزيراعظم سفيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان جو سفير هجڻ هڪ اعزاز کان گهٽ نه آهي، توهان کي الله تعاليٰ موقعو ڏنو آهي ته توهان دنيا آڏو هڪ عظيم ملڪ ۽ هڪ عظيم قوم جي نمائندگي ڪريو. هن اميد ظاهر ڪئي ته سفيرن جي محنت سان پاڪستان جو حقيقي تعارف دنيا آڏو ايندو. هڪ سفير جي ڪاميابي اها ئي آهي ته جنهن ملڪ ۾ هو مقرر آهي، اتي سبز پاسپورٽ عزت ۽ وقار جي علامت بڻجي وڃي. مون کي توهان جيصلاحيتن ۽ حب الوطني تي پورو اعتماد آهي. سياست ۽ سفارتڪاري ٻئي جيڪڏهن مشن نه بڻيا ته نتيجا خيز نه بڻجي سگهندا. مون کي يقين آهي ته توهان سفارتڪاري کي هڪ مشن سمجهو ٿا ۽ انشاءَ الله اسان سڀني جي ڪوششن سان دنيا روشن، محفوظ ۽ مستحڪم پاڪستان کان متعارف ٿيندي.