قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ذيلي ڪميٽي سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته اها حراست ۾ ورتل ڏوهارين جي وڊيو ليڪ ٿيڻ جي جاچ ڪري رپورٽ ڪميٽي کي پيش ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر عمران ظفر لغاري جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. ڪميٽي سنڌ حڪومت کي مڪمل جاچ ڪرڻ ۽ هڪ مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ ٽن هفتن جو وقت ڏنو. قومي اسيمبلي ميمبر طلال چوڌري چيو ته سنڌ حڪومت پيمرا يا ڪنهن ٻئي اداري کي وڊيو جي معاملي تي شڪايت ڪئي يا ان حوالي سان پاڻ ڪا جاچ ڪئي آهي يا نه. هن چيو ته ان ڳالهه جي به جاچ ڪئي وڃي ته وڊيو ڪنهن ٺاهي ۽ ڪنهن جي ڪوتاهي سبب اها وڊيو ميڊيا تائين پهتي. آءِ اينڊ سي جي سيڪريٽري سنڌ حڪومت کي چيو ته ٺوس جاچ جي لاءِ ٽي هفتا گهربل هوندا.