وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ سمورن صحت جي سرڪاري ادارن کي هڪ هيلٿ ايڊمنسٽريٽو بورڊ جي انتظامي ڪنٽرول تحت آڻڻ جي منظوري

وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ سمورن صحت جي سرڪاري ادارن کي هڪ هيلٿ ايڊمنسٽريٽو بورڊ جي انتظامي ڪنٽرول تحت آڻڻ جي منظوري

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) وزيراعظم محمد نواز شريف اسلام آباد ۾ سمورن صحت جي سرڪاري ادارن کي هڪ هيلٿ ايڊمنسٽريٽو بورڊ جي انتظامي ڪنٽرول تحت آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري هيلٿ ايڊمنسٽريٽو بورڊ سڏيو ويندو. وزيراعظم آءِ سي ٽي جي سموري پبلڪ هيلٿ اسٽرڪچر کي درپيش مسئلن ۽ اداراجاتي جهول ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ان حوالي سان منظوري ڏني آهي. آءِ سي ٽي وفاقي حڪومت جي صحت جي اداري مختلف وفاقي ڊويزنن ۽ انتظامي سطحن تي ورهايل آهي جيڪو نه رڳو بهتر گورننس جي قدرن جي خلاف آهي پر ان جي ڪري غيرمعياري سروس، پاليسي جي هڪجهڙائي نه هجڻ، سروس ڊليوري ۾ نمايان فرق ۽ جوابدهي جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش هئا. وزيراعظم اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري هيلٿ ايڊمنسٽريٽو بورڊ جي ورننگ اسٽرڪچر جي لاءِ تجويزن جي تياري جي سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي جو ڪنوينر وزيراعظم جو خصوصي معاون خواجه ظهير احمد هوندو ۽ ان جي ميمبرن ۾ اسلام آباد جو ميئر، ڪيڊ جو سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، وزيراعظم جو ايڊيشنل سيڪريٽري، قانون ۽ انصاف ڊويزن جو نمائندو، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، ڊين فيڪلٽي آف ميڊيسن اينڊ اپلائيڊ ڊسپلن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو ايڊووڪيٽ ۽ ٻيا شرڪت ڪندڙ ميمبر شامل هوندا. ڪميٽي آءِ سي ٽي جي هيلٿ ڪيئر ڊليوري سسٽم جي موجوده ڍانچي ۽ ان کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺندي. ان سلسلي ۾ ڪميٽيڪابينا سيڪريٽري جي ڪنوينرشپ تحت اڳ ۾ قائم ڪيل ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺندي جيڪا اسلام آباد جي هيلٿ ڪيئر سسٽم ۾ ضروري سڌارا آڻڻ بابت تجويزون ڏيندي. ڪميٽي ترقي يافته ملڪن جي صحت جي ماڊلز جو پڻ جائزو وٺندي ۽ مختلف معاملن تي تفصيلي تجويزون پيش ڪندي جن ۾ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري هيلٿ ايڊمنسٽريٽو بورڊ جي لاءِ اداراجاتي ڍانچي، بورڊ ۽ صحت جي ادارن کان لاڳاپيل قانون جي مسودي، صحت جي ادارن ۾ انساني وسيلن جي معياري ۾ بهتري آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ سميت تربيت، ڪيريئر ۽ پگهارن جي ڍانچي، معياري صحت جي خدمتن لاءِ اضافي مالي ۽ انساني وسيلا، موجوده قانونن ۽ قاعدن ۾ ضروري ترميمون شامل آهن. ڪميٽي 30 ڏينهن جي اندر وزيراعظم جي جائزي لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪندي. ڪميٽي جي لاءِ سيڪريٽريل مدد ڪيپيٽل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڊولپمينٽ ڊويزن فراهم ڪندي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:13