پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام جون دليون ڪشميرين سان گڏ دڙڪن ٿيون:چوڌري برجيس طاهر

پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام جون دليون ڪشميرين سان گڏ دڙڪن ٿيون:چوڌري برجيس طاهر

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر چيو آهي ته پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام جون دليون ڪشميرين سان گڏ دڙڪن ٿيون، پاڪستان ڪشمير مسئلي تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو، ڪراچي آپريشن سبب سنڌ جون حالتون پهرين کان بهتر آهن. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير پوريقوم جو مسئلو آهي، ڀارتي گهرو وزير جي اچڻ سان ڪشمير جي مسئلي تي فرق نه پوندو. پاڪستان ڪشمير جي مسئلي تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان هر فورم تي ڪشميرين جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.