سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽر عثمان خان ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سروي ۾ مقامي حڪومتن ۽ زڪوات ڪميٽين کي پڻ شامل ڪري گهر گهر شفاف طريقي سان سروي مڪمل ڪئي وڃي ۽ سروي جو معيار به بهتر بڻايو وڃي. ڪميٽي جي اجلاس ۾ بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري سليم رانجها ٻڌايو ته سروي موجب 53 لک معيار تي لهندڙ شهرين کي امداد ڏني پئي وڃي، نارٿ، سائوٿ وزيرستان ۽ خيبر ايجنسي، بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ سروي نه ٿي سهگي هئي، 12 سالن کان گهٽ ۽ 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جو انگ، تعليم ۽ گهر جو ڍانچو پڻ معيار آهي، 27 ملين گهرن جي سروي ڪئي وئي، گذريل 8 سالن ۾ ڪل 412 ارب رپين مان پنجاب کي 153، سنڌ کي 134، ڪي پي ڪي کي 85، بلوچستان کي 17، گلگت بلتستان کي 4، فاٽا ۽ آزاد ڪشمير کي 8، 8، اسلام آباد کي هڪ ارب ادائيگيون ڪيون ويون جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان جي 6 سيڪڙو ڪوٽا تحت 24 ارب رپيا ادا ڪرڻا هئا 7 ارب گهٽ ڏنا ويا آهن. بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري سليم رانجها چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ بايوميٽرڪ سسٽم هنيو ويو آهي باقي چئن ضلعن پڻ جلد نظام شروع ٿي ويندو، ادائيگيون نادرا سان لاڳاپيل سسٽم ذريعي ڪيون وڃن ٿيون. اجلاس ۾ سينيٽر جهانزيب جمالديني، ثمينه عابد، خالده پروين، روبينه عرفان، سردار اعظم خان موسيٰ خيل، گيان چند کانسواءِ بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري سليم رانجها ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:38