ترڪمانستان جي پارليامينٽ جو وفد اڄ کان پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دوروڪندو

ترڪمانستان جي پارليامينٽ جو وفد اڄ کان پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دوروڪندو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) ترڪمانستان جي پارليامينٽ جي اسپيڪر اڪجانربردي يي وا جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي دعوت تي اڄ اربع ڏينهن پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پارلياماني وفد پاڪستان ۾ سياسي قيادت سميت صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقاتون ڪندو. بعد ۾ وفد پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪندو جتي هو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي معاملن ۽ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ترڪمانستان جو پارلياماني وفد پارليامينٽ هائوس ۾ نئين تعمير ٿيندڙ گرين پارليامينٽ پراجيڪٽ جو دورو پڻ ڪندو جيڪو پارليامينٽ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪندو آهي.