سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽر محمد جاويد عباسي جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري اعتزازاحسن، سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ، سليم ضياءَ، سعيد غني ۽ زاهد خان کانسواءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد، قانون واري ايڊيشنل سيڪريٽري نائيلا قريشي، قانون واري وزارت جي ايڊيشنل ڊرافٽ مين شيخ سرفراز، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد اسلم، پي ايس ڪيو سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد خالد صديقي، ڊائريڪٽر جنرل نيب محمد شڪيل ملڪ، نيب جي ڊائريڪٽر مجاهد اڪبر بلوچ، پنجاب بار ڪائونسل جي نائب صدر چوڌري محمد حسين، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر طارق محمود جهانگيري، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر سيد علي ظفر کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر محمد جاويد عباسي چيو ته سينيٽر سعيد غني سينيٽ اجلاس ۾ نيب اداري جي ملازمن کي غيرقانوني طور تي اضافي چارج ڏيڻ جي حوالي سان معاملو اٿاريو هو ۽ ڪميٽي نيب کان معاملن بابت تفصيل طلب ڪيا هئا جيڪي ڪميٽي ميمبرن کي اڄ تائين ناهن مليا، مون کي گذريل شام مليا هئا انهن جو تفصيلي جائزو ناهي ورتو ويو، ڪميٽي ميمبرن هڪ هفتو اڳ تفصيل فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندي سفارش ڪئي ته هڪ هفتو اڳ ورڪنگ پيپر فراهم ڪرڻ تي معاملي جو تفصيلي جائزو وٺي سگهجي ٿو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:44