موجوده حڪومت توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ متبادل توانائي منصوبن کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد نوازشريف

موجوده حڪومت توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ متبادل توانائي منصوبن کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد نوازشريف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) وزيراعظم محمد نواز شريف توانائي منصوبن تي ڪم جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ متبادل توانائي منصوبن کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ توانائي جي جاري ۽ آئنده جي منصوبن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته اسان پنهنجي مدي جي مڪمل ٿيڻ تائين ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته سمورا جاري توانائي منصوبا گهٽ ۾ گهٽ لاڳت ۾ مڪمل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت توانائي جي منصوبن تي اڳڀرائي تي خاص ڌيان ڏيندي انهن منصوبن تي ڪم جي رفتار جو باقاعدگي سان جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ سمورن توانائي منصوبن تي عملدرآمد ڪندي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته اسان جو مقصد ملڪ مان توانائي جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻو آهي جنهن ڪيترن ئي سالن کان گهريلو ۽ صنعتي صارفين کي متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته اسان صارفين کي نه رڳو وڌيڪ مقدار ۾ پر سستي بجلي جي فراهمي جي لاءِ پڻ پرعزم آهيون ته جيئن اهي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصو وٺي سگهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريفن، پاني ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، پاڻي ۽ بجلي جي سيڪريٽري محمد يونس ڍاگا ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.