وزيراعظم پاران سعودي ۾ بيروزگار پاڪستانين جي مدد جي هدايت

وزيراعظم پاران سعودي ۾ بيروزگار پاڪستانين جي مدد جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) وزيراعظم محمد نواز شريف پاران سعودي عرب ۾ بيروزگار ٿيندڙ پاڪستاني پورهيتن جي ڀرپور مدد جي هدايت جي پيروي ڪندي رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني پريشاني ۾ ورتل پورهيتن جي لاءِ خصوصي سهولت مرڪز ۽ انهن جي خوراڪ ۽ ٻي مدد جي فراهمي جي لاءِ خاص فنڊ قائم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب پورهيتن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي هدايتن تي عمل ڪندي سفارتخاني پاڪستاني افرادي قوت کي پنهنجي رهتن ۽ پگهارن جا ڪليمز جوڙڻ ۾ پڻ سهولت ڏني آهي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخانن کي پريشاني ۾ ورتل پاڪستاني پورهيتن جي مدد ۽ ان ڏس ۾ انهن جون مشڪلاتون جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس وزيراعظم کي ٻڌايو آهي ته پاڪستاني مشن ملازمن کي خوراڪ جي فراهمي، طبي مدد ۽ جلد کان جلد انهن جي پگهارن ۽ رهتن جي ادائيگي لاءِ انتظام ڪيا آهن. ڪمپني ڇڏڻ جو فيصلو ڪندڙ پورهيتن جي ورڪ پرمٽس جي منتقلي ۾ پڻ انهن کي سهولت ڏني ويندي ۽ جيڪڏهن اهي وطن واپس اچڻ چاهين ته به انهن کي سهولت ڏني ويندي. سفارتخاني وڌيڪ ٻڌايو ته سعودي عرب پاران لاڳاپيل ڌرين کي پورهيتن کي رهتن جي فوري ادائيگي جو حڪم نامو جاري ڪيو آهي. وزيراعظم پرڏيهي آفيس کي اها به هدايت ڪئي ته هو پاڪستاني پورهيتن کي سموري ضروري مدد فراهم ڪري. هن چيو ته اسان پنهنجي محنتي پورهيتن سان گڏ بيٺل آهيون جيڪي پنهنجي خاندانن جي لاءِ روزگار ڪمائڻ جي لاءِ ملڪ کان پري آهن. وزيراعظم چيو ته اهي سڀ اسان جو فخر ۽ طاقت آهن،اسان هر ممڪن طريقي سان انهن جي مدد ڪنداسين.