صدر کي پاڪستان ۾ مقرر ٽن ملڪن جي سفيرن سندون پيش ڪيون

صدر کي پاڪستان ۾ مقرر ٽن ملڪن جي سفيرن سندون پيش ڪيون

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) صدر ممنون حسين کي پاڪستان ۾ مقرر ٽن ملڪن جي سفيرن ڪالهه اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ هڪ پروقار تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. سندون پيش ڪندڙن ۾ ڊينمارڪ، ملاوي ۽ جمهوريه سلوواڪيه جا سفير شامل هئا. ان کان اڳ هر ملڪ جي نامزد سفير کي جدا جدا بگي تي ايوان صدر جي مرڪزي دروازي تي آندو ويو جتي کين گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي لاڳاپيل ملڪ جو ۽ پاڪستاني قومي ترانو پيش ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ مقرر سفيرن جدا جدا صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن سان دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا چاهي ٿو خاص طور تي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا تمام اهم آهن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ انهن موقعن مان عالمي سيڙپڪارن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اهو آپريشن جاري رهندو. صدر پاڪستان ۾ مقرر ٿيندڙ نون سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجي ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. صدر چيو ته انهن سفيرن جي موجودگي پاڪستان جي لاءِ خوشي جو سبب هوندو. سفارتي سندون پيش ڪندڙن ۾ ڊينمارڪ جو سفير اولي ٿونڪي، ملاوي جو سفير ولفرڊ علي ۽ جمهوريه سلوواڪيه جو سفير لوبا مير گولين شامل هئا.