ڪراچي آپريشن سان امن امان جي صورتحال ڪافي حد تائين بهتر ٿي آهي:اعجاز جکراڻي

ڪراچي آپريشن سان امن امان جي صورتحال ڪافي حد تائين بهتر ٿي آهي:اعجاز جکراڻي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر مير اعجاز جکراڻي چيو آهي ته ڪراچي آپريشن سان امن امان جي صورتحال ڪافي حد تائين بهتر ٿي آهي، ڪراچي آپريشن ڪنهن پارٽي جي خلاف نه پر دهشتگردن، ڀتا مافيه ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي خلاف آهي. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارن ۾ توسيع جو صحيح فيصلو ڪيو، ڪجهه ماڻهو رينجرز جي توسيع جي حوالي سان پروپيگنڊا ڪري رهيا هئا ته سنڌ جون نئون وڏو وزير رينجرز جي اختيارن ۾ توسيع نٿو ڪرڻ چاهي. هن چيو ته رينجرز جي اختيارن ۾ توسيع سنڌ حڪومت جو اختيار آهي، هن چيو ته ڪراچي آپريشن سان مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، رينجرز نه صرف دهشتگردن جو خاتمو ڪيو پر ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ ٻين ڏوهن ۾ به گهٽتائي آئي آهي.