قومي اسيمبلي پاران سعودي عرب ۾ دهشتگردي خلاف مذمتي قرارداد منظور

قومي اسيمبلي پاران سعودي عرب ۾ دهشتگردي خلاف مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) قومي اسيمبلي سعودي عرب جي ٽن شهرن ۾ 4 جولاءِ 2016ع تي ٿيڻ واري دهشتگردي جي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڏس ۾ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان 4 جولاءِ تي مدينه منوره ۽ سعودي عرب ۾ خودڪش حملن جي پرزور مذمت ڪري ٿو، جنهن ۾ 4 بيگناهه ماڻهو مارجي ويا، هي ايوان متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو، هي ايوان ان ڳالهه جو به اظهار ڪري ٿو ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عوام مقدس سرزمين تي انهن دهشتگردي جي حملن تي ڳڻتي ۾ مبتلا آهي ۽ هو پنهنجي سعودي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهي ۽ هو پنهنجي سعودي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، هي ايوان انهن حملن ۾ مارجي ويل خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هي ايوان عالمي برادري تي عام طور تي مسلم دنيا تي خاص طور تي زور ڏئي ٿو ته هو ان نازڪ مرحلي ۾ انسانيت ۽ اسلامي دنيا جي انهن دشمنن جي خلاف اتحاد جو مظاهرو ڪري، هي ايوان دهشتگردي جي ڪنهن به قسم جي مذمت ڪري ٿو. اسپيڪر قرارداد ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪئي، جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ۾ سڀني پارلياماني پارٽين سعودي عرب ۾ مقدس ماڳن تي دهشتگردن جي حملن جي شديد مذمت ڪندي عزم ظاهر ڪيو آهي ته مسلمانن جي مقدس جاين جي تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ کان پاسو نه ڪندا. قرارداد پيش ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته سڀني ميمبرن قرارداد جي ڀرپور تائيد ڪئي آهي. انهن حملن تي هر ماڻهو کي افسوس ٿيو آهي، سڀني ميمبرن پنهنجي عقيدت جي اظهار جا خواهشمند آهن، سڄي دنيا جي غير مسلمانن به انهن حملن جي مذمت ڪئي آهي، حڪومت ۽ وزيراعظم انهن حملن جي پهريون ئي مذمت ڪري چڪا آهن،پارليامينٽ پاران مذمتي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري اسان جي ايمان جي ترجماني آهي. سعودي عرب سان عقيدت جي اظهار جو سبب حرمين الشريفين آهي، جيڪڏهن اتي تحفظ جي ضرورت پئي ته اسان مان هر هڪ اتي وڃڻ لاءِ تيار آهي، وفاقي وزير ڪامران مائيڪل مديني منوره ۾ آپگهاتي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ قرارداد جي ڀرپور تائيد ڪئي. سيد نويد قمر چيو ته مڪي مڪرمه ۽ مديني منوره مقدس جايون آهن اها ڪنهن هڪ ملڪ جي ملڪيت نه آهن، سڄي اسلامي دنيا تي ان حوالي سان گهرو ڏک آهي، نعيمه ڪشور خان چيو ته اها قرارداد ڪنهن ملڪ جي لاءِ نه پر اهو حملو هر مسلمان تي ذاتي حملو آهي، دهشتگردي جتي به هجي جنهن به صورت ۾ هجي اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، صاحبزاده طارق الله چيو ته پاڪستاني حڪومت کي حرمين الشريفين جي تحفظ لاءِ هر قسم جي سيڪيورٽي جي آڇ ڪرڻ گهرجي اها اسان جي ايمان جي گهرج آهي، اسپيڪر چيو ته حرمين الشريفين تي قرارداد جي حمايت ته الڳ ڳالهه آهي اسان مان هر ماڻهو ذاتي طور تي اتي وڃي تحفظ ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ڪيپٽن (ر) محمد صفدر چيو ته جنهن سرزمين تي حملو ٿيو آهي اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي، اسان ته هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي پر حرمين الشريفين ۾ هر جمعي جي خطبي ۾ دعائن سان گڏ الله جي گهر ۾ اتي قرارداد منظور ڪئي ويندي آهي، ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته هن شروع ۾ چيو هو ته اسان قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا، مديني منوره ۾ دهشتگردن جو حملو سڄي امت تي حملو آهي، انجنيئر علي محمد خان چيو ته ٻنهي جهانن جي سرڪاري صه تي اسان جي جان به قربان آهي، اسان ان قرارداد جي پنهنجي پارٽي ۽ سڄي مسلم دنيا پاران حمايت ڪريون ٿا. شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان جو هر ٻار سعودي حڪومت خانه ڪعبه سان گڏ آهي، اسان جو ايمان آهي ته حضور صه اسان جي شفاعت فرمائيندو. حاجي غلام احمد بلور چيو ته اها قرارداد اسان سڀني جي دل جي دڙڪن آهي، ان تي ڪا به ٻٽي راءِ نه آهي. جنهن به اتي وڃي اها ڪارروائي ڪئي آهي ان پاڻ سان ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن سان ظلم ڪيو آهي. حاجي شاهه جي گل آفريدي چيو ته اسان کي مقدس جاين جي دفاع لاءِ پاڻ کي شيهي جي ديوار بڻجڻ گهرجي، لالچند چيو ته حرمين الشريفين ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ۽ ان حوالي سان قرارداد جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا، آسيه ناصر چيو ته اسان قرارداد جي ڀرپور حمايت ۽ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪريون ٿا. ڊاڪٽر درشن به قرارداد جي حمايت ڪئي ۽ مقدس جاين تي حملن جي مذمت ڪئي. ڊاڪٽر رميش ڪمار چيو ته هر مذهب ٻين مذهبن جو احترام سيکاريندو آهي، اسان ان قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا، عائشه سيد چيو ته قرارداد جي منظوري مبارڪباد جي مستحق، قرارداد سڄي امت جي دل جي آواز آهي، مولانا امير زمان چيو ته قرارداد جو تعلق مديني منوره سان آهي ان واقعي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا. آفتاب احمد شيرپائو چيو ته مذهبي معاملن واري وزير پاران پيش ڪيل قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا، محمد اعجازالحق قرارداد پيش ڪرڻ تي مذهبي معاملن واري وزير جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به دهشتگردي هجي اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. محمود خان اچڪزئي چيو ته پهرين به هن ايوان اها قرارداد منظور ڪئي آهي ته سعودي عرب کي جيڪڏهن ڪو خطرو ٿيو ته اسان ان جو دفاع ڪنداسين. جيڪڏهن اسان کي اسلام کي بچائڻو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو وڃي ۽ خانه ڪعبه جي ماڻهن ۽ ايران وارن کي پاڻ ۾ ملائڻ گهرجي. سٺي قرارداد آهي، رميش لال به قرارداد جي حمايت ڪئي ۽ مديني منوره جي سانحي جي مذمت ڪئي.