قومي اسيمبلي پاران سعودي عرب ۾ دهشتگردي جي حملن جي شديد لفظن ۾مذمت

قومي اسيمبلي پاران سعودي عرب ۾ دهشتگردي جي حملن جي شديد لفظن ۾مذمت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) قومي اسيمبلي سعودي عرب جي ٽن شهرن ۾ 4 جولاءِ 2016ع تي ٿيڻ واري دهشتگردي جي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڏس ۾ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف قرارداد پيش ڪئي ته ايوان چار جولاءِ تي مدينه منوره ۽ سعودي عرب ۾ خودڪش حملن جي پرزور مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ چار بيگناهه ماڻهو مارجي ويا، هي ايوان متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو، هي ايوان ان ڳالهه جو به اظهار ڪري ٿوته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عوام مقدس سرزمين تي ان دهشتگردي جي حملن تي ڳڻتي ۾ ورتل آهي ۽ هو پنهنجي سعودي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، هي ايوان انهن حملن ۾ مارجي ويل خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هي ايوان عالمي برادري تي عام طور تي مسلم دنيا تي خاص طور تي زور ڏئي ٿو ته هو ان نازڪ مرحلي ۾ انسانيت ۽ اسلامي دنيا جي انهن دشمنن جي خلاف اتحاد جو مظاهرو ڪري، هي ايوان دهشتگردي جي ڪنهن به قسم جي مذمتڪري ٿو. اسپيڪر قرارداد ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪئي، جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.