پارٽي وابستگين کان مٿانهون ڪشمير جي مسئلي تي اسان سڀ متحد آهيون: شاهده اختر علي

پارٽي وابستگين کان مٿانهون ڪشمير جي مسئلي تي اسان سڀ متحد آهيون: شاهده اختر علي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي شاهده اختر علي چيو آهي ته پارٽي وابستگين کان مٿانهون ڪشمير جي مسئلي تي اسان سڀ متحد آهيون، انساني حقن جا ادارا تازن ڀارتي ظلمن تي خاموش آهن. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن تي التوا واري رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي شاهده اختر علي چيو ته اسان کي ڪشميرين جي ڏک ۽ تڪليف جو احساس آهي، مولانا فضل الرحمان ان مسئلي جي حساسيت کي سمجهي ٿو، ڪشمير مسئلي تي جمود طاري آهي، انساني حقن واري ڪميشن ان تي خاموش آهي، اسان ڀارتي ظلمن سبب پائمال ٿيندڙ انساني حقن جي مذمت ڪريون ٿا، اسان پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪشميرين سان متحد آهيون، جيستائين ڀارت تي دٻاءُ نه وڌو ويندو ڀارتي ظلم وڌندا ويندا.