والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جوفيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي: صاحبزاده طارق الله

والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جوفيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي: صاحبزاده طارق الله

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) جماعت اسلامي جي پارلياماني اڳواڻ صاحبزاده طارق الله چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي، ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني وفد موڪليا وڃن. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪشمير ۾ جاري تازي ڀارت فوج جي ظلمن تي التوا واري رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي جماعت اسلامي جي پارلياماني اڳواڻ صاحبزاده طارق الله ڪشمير تي بحث کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته 1947ع کان اهو مسئلو هلندو پيو اچي، گڏيل قومن جي 23 قراردادن تي 70 سال گذرڻ باوجود عملدرآمد ناهي ٿيو، ڪشمير ۾ رت وهي رهيو آهي، لکين ماڻهو هيستائين بي گهر ۽ شهيد ٿي چڪا آهن، برهان واني جي جنازي ۾ 5 لک ماڻهن پاڪستان جو جهنڊو کڻي شرڪت ڪئي، اهي اسان جي ڪردار جا منتظر آهن، والاريل ڪشمير ۾ انساني حق پائمال ٿيا آهن، اسان کي انهن جي وڪالت ڪرڻ گهرجي، والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جي مرضي موجب فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي. هن چيو ته پارلياماني وفد ڪشمير مسئلو اجاگر ڪرڻ جي لاءِ مختلف ملڪن ۾ موڪليا وڃن.