چائلڊ ليبر جي خاتمي ۽ ٻارن جي حقن جي لاءِ وفاقي محتسب جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن: سردار اياز صادق

چائلڊ ليبر جي خاتمي ۽ ٻارن جي حقن جي لاءِ وفاقي محتسب جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته چائلڊ ليبر جي خاتمي ۽ ٻارن جي حقن جي لاءِ وفاقي محتسب جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، ٻارن جي مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن تي ٻڌل فورم ٺاهڻ لاءِ تيار آهيان، چائلڊ ليبر ۽ گهٽ عمر جون شاديون سماجي برايون آهن جن جي خاتمي لاءِ نظام کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيستائين نظام صحيح نه ٿيندو، ڪو ادارو اڪيلو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت چائلڊ ليبر جي لعنت جي خلاف گڏيل قومن جي تعاون سان ڪيترائي قدم کنيا آهن، ٻارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، آءِ ايل او ۽ يونيسيف جي تعاون ۽ ساليڪوٽ چيمبر آف ڪامرس جي قائداڻي ڪردار سان فٽبال انڊسٽري مان چائلڊ ليبر جو خاتمو ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان وفاقي محتسب ۽ يونيسيف جي هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ وفاقي محتسب محمد سلمان فاروقي، نيشنل چلڊرن ڪمشنر اعجاز احمد قريشي، يونيسيف جي ساره ڪولمين ۽ انجيلا ڪيرني، نيشنل چلڊن ڪميٽي جي ميمبرن، صوبائي چلڊرن ڪمشنر، وفاقي محتسب جي آفيسرن، سول سوسائٽي جي اعليٰ شخصيتن، ٻارن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ اين جي اوز يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي محتسب محمد سلمان فاروقي چيو ته پاڪستان ۾ 10 ڪروڙ ٻار آهن پر پاڪستان ۾ ٻارن جو محتسب نه آهي، انهن جي شڪايت جي ڪٿي به شنوائي نٿي ٿئي، دنيا ۾ بنگلاديش سميت 44 ملڪن ۾ بارن جا محتسب ڪم ڪري رهيا آهن. محمد سلمان فاروقي چيو ته اسان ٻارن جي شڪايتن جي ازالي ۽ ٻارن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ نظام جوڙيو آهي، جنهن تحت نيشنل چلڊرن ڪمشنر ۽ 13 چلڊرن ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن جيڪي وفاق ۽ صوبن سان گڏجي ٻارن جا مسئلا حل ڪري رهيون آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي دنيا ۾ چائلڊ ليبر جي لعنت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هر سال ٻارن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو. سڄي دنيا ۾ لکين ٻار ۽ ٻارڙيون جبري پورهئي جو شڪار ٿين ٿا، جن جو گهڻو تعلق اسرندڙ ملڪن سان هوندو آهي. هن چيو ته چائلڊ ليبر جي لعنت جي خاتمي لاءِ گذريل 25 سالن دوران حڪومت، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي گڏيل قومن جي تعاون سان ڪيترائي قدم کنيا آهن. اسپيڪر اياز صادق چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي آئيني ذميواري آهي. هن چيو ته وفاقي محتسب جي اداري 1983ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين سرڪاري ادارن جي خلاف عام شهرين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ منفرد ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي محتسب کي اهو اختيار آهي ته هو ڪنهن به سرڪاري اداري جي بدانتظامي جي خلاف متاثرين جون شڪايتون ٻڌي ۽ انهن کي رليف فراهم ڪري، مون کي اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته وفاقي محتسب گذريل ٽن سالن دوران 2 لک 97 هزار کان وڌيڪ شڪايتون اڪلايون آهن. تقريب جي پڄاڻي تي اسپيڪر اياز صادق کي شيلڊ پيش ڪئي وئي ۽ پهرين، ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي ايندڙ اين جي اوز ۾ انعامي رقم جا چيڪ ورهايا.