وزيراعظم سان پاڪ فضائيه جي سربراهه جي ملاقات

وزيراعظم سان پاڪ فضائيه جي سربراهه جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ جي فضائي سرحدن جي تحفظ ۽ خاص طور دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو صفايو ڪرڻ ۾ پاڪ فضائيه جي ڪردار کي ساراهيو آهي، هو سومر ڏينهن پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان سان ڳالهائي رهيو هو. جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم جاري آپريشن ضرب عضب ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن کي تباهه ڪرڻ ۾ پاڪستان ايئر فورس جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي، ايئر چيف وزيراعظم کي پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت ۽ آپريشنل تياري جي باري ۾ آگاهه ڪيو، وزيراعظم چيو ته تاريخي طور تي پاڪ فضائيه قومي سلامتي کي درپيش خطرن جو هميشه موثر جواب ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪ فضائيه جي مهارت بي مثال آهي، هن چيو ته اهو ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته پاڪ ايئر فورس جي روايتي ڪردار بدلجندڙ گهرجن ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اڳڀرائي موجب نئيون راهون اختيار ڪيون آهن.