اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ملڪ ۾ ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ پاڻي جا ذخيرا قائم ڪرڻ ۽ بحالي جي لاءِ قومي اٿارٽي قائم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن چيئرمين ڊاڪٽر حفيظ الرحمان خان جي صدارت ۾ ٿيو. ان موقعي تي هن چيو ته آبپاشي، زراعت، بيلا ۽ جنگي حيات جي صوبائي کاتن مان پاڻي ذخيرن بابت قومي اٿارٽي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ پاڪستان جي ٻيلن واري انسپيڪٽر جنرل سيد محمود ناصر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ پاڻي ذخيرن تي قبضن سبب ٻوڏ مسئلو سنگين ٿيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ماحوليات ۽ جنگي حيات جي تحفظ جي لاءِ آبگاهن جي بحالي تمام اهم آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان گڏ وهندڙ سنڌو درياءَ ۾ اضافي ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ وڏن ۽ وچين درجي جي پاڻي جي ذخيرن جي وڏي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته سي پيڪ سان گڏ ڍنڍن ۾ تازي پاڻي جي دستيابي ان منصوبي جي پائيداريت جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪو اهڙو ادارو نه آهي جيڪو پاڻي سان لاڳاپيل معاملا ڏسندو هجي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سلمان حنيف، طاهره اورنگزيب، شائسته پرويز، عبدالقادر خان ۽ موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير زاهد حامد پڻ شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
9 سال پھريان