وزيراعظم پاران لنڊي ڪوتل ۾ بس حادثي ڏک جو اظهار

وزيراعظم پاران لنڊي ڪوتل ۾ بس حادثي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔30 جولائی۔2016) وزيراعظم محمد نواز شريف خيبر ايجنسي جي علائقي لنڊي ڪوتل ۾ ڄاڃين جي بس ٻوڏ جي پاڻي ۾ وهي وڃڻ سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد نواز شريف فوت ٿيلن جي ايصال ثواب ۽ سوڳوار خاندانن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد نواز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي بچي ويل ماڻهن جي لاءِ امدادي ڪاررواين ۽ علاج جي بهتر سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 20:31