وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن کي وفاقي ايجنسين جي ذريعي موثر رابطن ۽ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا سان دهشتگردي کي روڪڻ جي باري ۾ سهولت فراهم ڪندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن کي وفاقي ايجنسين جي ذريعي موثر رابطن ۽ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا سان دهشتگردي کي روڪڻ جي باري ۾ سهولت فراهم ڪندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن کي وفاقي ايجنسين جي ذريعي موثر رابطن ۽ ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا سان دهشتگردي کي روڪڻ جي باري ۾ سهولت فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن داخلي سلامتي جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ملڪ جي داخلي سلامتي جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف رخن جي باري ۾ تفصيلي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ۽ ڊي جي انٽيلي جنس بيورو آفتاب سلطان شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۽ آپريشن ضرب عضب جي فائدن ۽ هينئر تائين ٿيڻ واري اڳڀرائي کي قومي عزم جي ڀرپور تائيد سان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي رابطن جي ذريعي سگهه ڏني ويندي. هن چيو ته ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي ۽ هر شهري هڪ محفوظ مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جي ثمرن مان فائدو وٺندو، هن چيو ته اسان هر نسل ۽ مذهب جي لاءِ پاڪستان کي محفوظ بڻائينداسين، وزيراعظم ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بي شمار قربانين ۽ پوري قوم جي پختي عزم ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اڻٿڪ ڪوششن سان ملڪ مان دهشتگرد ۽ انتهاپسند عنصر ختم ٿي رهيا آهن، هن چيو ته انتهاپسنداڻو نظريو هڪ عالمي خطرو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان اڳ واري ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردن سبب متاثر ٿيو آهي، هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت سان وڙهندي سماجي ۽ اقتصادي لحاظ کان ڪو به ٻيو ملڪ ايترو وڌيڪ متاثر ناهي ٿيو جيترو پاڪستان ٿيو آهي، وزيراعظم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته دنيا اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ سلامتي جي مجموعي صورتحال جاري نيشنل ايڪشن کان ۽ آپريشن ضرب عضب جي بنياد تي نمايان طور تي بهتر ٿي آهي.