سينيٽ چيئرمين شارٽ انٽرن شپ پروگرام ۾ ڪامياب شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا

سينيٽ چيئرمين شارٽ انٽرن شپ پروگرام ۾ ڪامياب شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔30 جولائی۔2016) سينيٽ جي اهتمام هيٺ 66 شاگردن جي پهرين گروپ ڇهن مهينن جو شارٽ انٽرن شپ پروگرام مڪمل ڪري ورتو. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هڪ تقريب دوران ڪامياب شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سينيٽ اهڙي قسم جو انٽرن شپ پروگرام شروع ڪيو جنهن سان پارليامينٽ ۽ تعليمي ادارن ۾ رابطن ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ملڪ جي 8 يونيورسٽين سان معاهدا ٿي چڪا آهن جنهن تحت سينيٽ شاگردن جي لاءِ ڇهن مهينن تي ٻڌل انٽرن شپ پروگرام جو انتظام ڪندو. سينيٽ چيئرمين کين جمهوريت جو سفير قرار ڏيندي چيو ته توهان جون خدمتون اسان جي لاءِ فائديمند ۽ وڏي اهميت واريون ٿابت ٿينديون. تقريب کي سينيٽ سيڪريٽري امجد پرويز پڻ خطاب ڪيو. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 19:17